علم جو خزانو

علم جو خزانو

علم جو خزانو

علم جو خزانو (ڪتاب): هيءُ ڪتاب عربي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ امام عبدالرحمان ابن جوزي جي تصنيف ‘منهاج القاصدين’ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو اديب ۽ ترجمي نگار واحد بخش ڀُٽي نهايت ئي سليس سنڌيءَ ۾ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل ڇويهه باب آهن، جن ۾ ڪتاب العلم، ڪتاب الطهارت (پاڪائي)، ڪتاب الزڪوات، ڪتاب الصوم، ڪتاب الحج، ڪتاب التلاوت، ڪتاب الاذڪار، ڪتاب الطعام، ڪتاب الزواج، ڪتاب المعاش، ڪتاب التحريم، ڪتاب السياحت، ڪتاب المعروفات ۽ منڪرات، ڪتاب دل جون وارداتون، ڪتاب الاخلاق، ڪتاب التزڪيه، ڪتاب التزڪيه (حصو ٻيو)، ڪتاب المنجيات، ڪتاب المنجيات (حصو ٻيو)، ڪتاب الفقر (محتاجي)، ڪتاب التوحيد ۽ توڪل، ڪتاب الرضاءَ، ڪتاب الاخلاص، ڪتاب المحاسبه، ڪتاب الموت ۽ ڪتاب الجزا شامل آهن. هن ڪتاب مان نامور عالم ۽ شاعر علامه اقبال بيحد متاثر هو. جنهن هن ڪتاب کي ‘علم جا موتي’ ڪري سڏيو آهي. ڪتاب ۾ مترجم جو لکيل پنهنجي پاران، اصل ڪتاب ڇپيندڙ اداري پاران لکيل ديباچو ۽ مولف جو ليک پڻ شامل آهن. 800 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي مڪتبه فلاح دنيا و آخرت، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ، آڪٽوبر 2017ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 600 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو